لاهور هاءِ ڪورٽ شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽي جي گرفتاري تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽي جي گرفتاري تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

شيخ رشيد جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ۾ جسٽس صداقت علي خان ڪئي. درخواستگار شيخ عامر شفيق طرفان سردار عبدالرزاق خان ايڊووڪيٽ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران وڪيل ۽ درخواستگذار سردار عبدالرزاق چيو ته شيخ رشيد کي ان جي ڀائٽي ۽ اسٽاف ميمبرن سميت راولپنڊي پوليس ۽ سول ڪپڙن ۾ موجود ماڻهن اغوا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 48 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود سندس باري ۾ ڪجهه نه پيو ٻڌايو وڃي. شيخ رشيد کي ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي.

عدالت شيخ رشيد احمد، سندس ڀائٽي شيخ شاڪر ۽ اسٽاف ميمبر عمران جي بازيابي بابت ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو. عدالت وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت، آر پي او راولپنڊي، سي پي او ۽ ايس ايس پي آپريشن کان 3 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ ڪيترو آهي؟ اليڪشن ڪميشن انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

Read Next

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ

Most Popular