سنڌ ۾ پابندي باوجود ڀرتي ڪيل ملازمن کي پگهارون نه ملي سگهنديون

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نوڪرين تي پابندي بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس ظفر راجپوت رمارڪس ڏنا آهن ته سنڌ ۾ پابندي باوجود ڀرتي ڪيل ملازمن کي پگهارون نه ملي سگهنديون، مسئلي جو حل اهو آهي ته بايوميٽرڪ تصديق کانپوءِ پگهارون ڏنيون وڃن

سنڌ هاءِ ڪورٽ پابندي باوجود پراڻين تاريخن ۾ ڀرتيون ڪرڻ جي الزامن تي سنڌ سرڪار ۽ واڳيل ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو‏. جڏهن ته ضلعي اڪائونٽس آفيسرز ۽ ٻين کي 3 آڪٽوبر تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

متحده جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته عدالت جي عبوري حڪم باوجود پراڻين تاريخ ۾ مقررين جا ليٽر جاري ڪيا ويا آهن، سنڌ سرڪار جي ماتحت ادارن عدالتي حڪم تي به عمل نه ڪيو آهي، انهن ادارن کان جواب طلب ڪيو وڃي ته اميدوارن کي ليٽر ڪنهن ۽ ڪڏهن جاري ڪيا

جسٽس ظفر راجپوت رمارڪس ۾ چيو ته مسئلي جو حل اهو ئي آهي ته بايوميٽرڪ تصديق کانپوءِ ئي پگهارون جاري ڪيون وڃن، ضلعي اڪائونٽس آفيسرز کان رپورٽ طلب ڪيون ٿا، گذريل تاريخن ۾ مقرريون ٿي سگهن ٿيون پر بايوميٽرڪ کانسواءِ پگهار جاري ٿي نه ٿي سگهي

ضلعي اڪائونٽس آفيسرز جي رپورٽ مان سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو، فروغ نسيم پاران پگهارون روڪڻ جا حڪم جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

Read Previous

رتوديرو: جرڳي جي ڏنڊ واري رقم جي ورڇ تان جهيڙو: عورت قتل

Read Next

هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت ملوث قرار: سفارتڪار ۽ را جو سربراهه ملڪ بدر

Most Popular