ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد بشريٰ بي بي جي خلاف غير شرعي نڪاح بابت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي به نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي جي خلاف مبينه غير شرعي نڪاح بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسلام آباد قدرت الله جي عدالت ۾ ٿي. سول جج قدرت جي عدالت ۾ پراسيڪيوٽر رضوان عباسي ۽ پي ٽي آءِ جو وڪيل نعيم پنجوتها پيش ٿيا.
پراسيڪيوٽر رضوان عباسي طرفان ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته اختيار جي دائري تي درخواست داخل ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻي آهي جنهن جي لاءِ وقت گهرجي. رضوان عباسي پنهنجي درخواست ۾ اهو به چيو ته پي ٽي آءِ وڪيلن جي اختيار واري درخواست تي دليلن کان پوءِ اسان دليل ڏينداسين.
ٻئي طرف وڪيل صفائي نعيم پنجوتها به بشريٰ بي بي جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي ۽ چيو ته عدالت بشريٰ بي بي جي حاضري کان مستقل ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري رکي آهي.
جج قدرت الله ريمارڪس ڏنا ته فرد جرم جو معاملو آيو ته بشريٰ بي بي جي حاضري ضرور ٿيندي جڏهن ته وڪيل نعيم پنجوتها چيو ته شير افضل مروت اختيار جي دائري بابت درخواست تي دليل ڏيندو.
فاضل جج چيو ته ٻنهي ڌرين جا دليل هڪ ئي تاريخ تي گڏ ٻڌي وٺنداسين. اوهان پنهنجي دليلن کان اڳ مختلف عدالتن جا فيصلا به جمع ڪرائي ڇڏيو. درخواستگذار جي وڪيل نعيم پنجوتها چيو ته عدالت کي گذارش ڪريون ٿا ته ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ ڏئي ڇڏيو جنهن تي جج قدرت الله چيو ته سومر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪريون ٿا. ڌريون هڪ ئي وقت گڏ ٿي دليل ڏئي ڇڏين.
جنهن کان پوءِ عدالت 25 سيپٽمبر تي ڌرين جي وڪيلن کي دليل ڏيڻ جي هدايت ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. جج قدرت الله پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي به نوٽيس جاري ڪري ان کان جواب طلب ڪري ورتو.