ڀارت ڏهاڪن کان ڏکڻ ايشيا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث رهيو آهي: پرڏيهي آفيس

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته ڪينيڊا ۾ ڀارت طرفان سک جي ٽارگيٽ ڪلنگ افسوسناڪ آهي، ڀارت ڏهاڪن کان ڏکڻ ايشيا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث رهيو آهي.

هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته ڀارت جون 2021 ۾ لاهور ۾ دهشتگرد حملو ڪيو، سال 2016 ۾ ڀارتي را جي ڪمانڊر ڪلڀوشن کي گرفتار ڪيو ويو، ڀارتي ڪمانڊر پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين جو اعتراف ڪيو، ڪلڀوشن جي حيثيت ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.

هن چيو ته ڀارت کي پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هجڻ جو ڊوزيئر ڏنو ويو، نيويارڪ ۾ سائيڊ لائنز تي ڀارت سان ملاقاتن جو ڪو به امڪان ناهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته ترڪ صدر اردگان جي بيان کي ساراهي ٿو، ترڪي ڄمون ۽ ڪشمير تي پاڪستان جي موقف جي هميشه حمايت ڪئي آهي.

Read Previous

ڪراچي: احتساب عدالت شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن جا ڪيس ٻيهر شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

پريا ڪماري جي اغوا ڪيس پاڻ ڏسان پيو، ڪا اڳڀرائي ٿي ته ميڊيا کي آگاهه ڪندس: آءِ جي سنڌ

Most Popular