پاڪستان ۾ رهائش اختيار ڪندڙ افغان شهرين جو انگ 37 لک تائين پهچي ويو

پاڪستان لاڳيتو پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ دنيا جي سڀني کان وڏي ملڪن مان هڪ آهي جنهن سبب ملڪ ۾ رهائش اختيار ڪندڙ افغان شهرين جو انگ 37 لک تائين پهچي ويو آهي.

پاڪستان ۾ گذريل 40 سالن کان ڪيترن ئي غير قانوني افغان شهرين جي اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي. گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر جون 2023 تائين جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ رهائش اختيار ڪندڙ افغان شهرين جو ٽوٽل انگ 37 لک آهي جنهن مان صرف 13 لک 30 هزار رجسٽرڊ آهن جڏهن ته 7 لک 75 هزار بنا ڪنهن لک پڙهه جي رهائش اختيار ڪري ويٺل آهن. اهڙي طرح 68.8 سيڪڙو افغان شهري پاڪستان جي شهري يا نيم شهري علائقن ۾ جڏهن ته 31.2 سيڪڙو ٻين 54 مختلف علائقن ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺل آهن.

جون 2023ع تائين جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ رهائش اختيار ڪندڙ غيرقانوني افغان شهرين جو ٽوٽل انگ 42 لک 29 هزار 749 آهي جنهن مان 7 لک هڪ هزار 358(52.8 سيڪڙو) خيبرپختونخواهه، 3 لک 21 هزار 677(24.1) بلوچستان، هڪ لک 91 هزار 53(14.3 سيڪڙو) پنجاب، 73 هزار 789(5.5 سيڪڙو) سنڌ، 41 هزار 520(3.1 سيڪڙو) اسلام آباد ۽ 4352(0.3) سيڪڙو آزاد ڪشمير ۾ آهن.

هينئر تائين 6 لک نوان افغان پناهگير پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪا آهن. ماضي جي تجربي تي جيڪڏهن هڪ نظر وڌي وڃي ته اسان کي خبر پوي ٿي ته افغان شهرين کي پاڪستان ۾ رهڻ جي جڳهه ڏئي پاڪستان پنهنجو تمام گهڻو نقصان ڪيو آهي.

غيرقانوني افغان شهرين اسان جي ملڪ جي معاشي ڍانچي ۾ خاموشي سان تبديليون ڪيون آهن جنهن ۾ ذڪر جوڳي مثال پرڏيهي ملڪن کان آندل مختلف شين کي پاڪستان جي مارڪيٽن ۾ پکيڙي پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ شامل آهي. ان کان علاوه پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني افغان شهري ٽرانزٽ ٽريڊ جي آڙ ۾ منشيات ۽ ٻئي غيرقانوني شين جي اسمگلنگ ۾ به ملوث آهن.

Read Previous

انجيڪشن سان اکين جي روشني وڃڻ وارو معاملو: لاهور کان پوءِ ملتان ۽ صادق آباد ۾ به نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

شڪارپور پوليس جي ڪارروائي: کنڊ ۽ ڀاڻ سان ڀريل 11 ٽرڪ قبضي ۾ وٺي ڇڏيا

Most Popular