سکر ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي جي وڌيڪ 4 زخمين دم ڏئي ڇڏيو، انگ 8 ٿي ويو

سکر ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب سڙي زخمي ٿيل وڌيڪ 4 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو

3ڏينهن اڳ دڪان اندر سلينڊر ۾ گئس ڀرڻ دوران باهه لڳڻ بعد گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب نينگر سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا

چئن ڄڻن ٻه ڏينهن اڳ دم ڏنو هو، چئن ڄڻن اڄ دم ڏئي ڇڏيو، هڪ زخميءَ جو علاج هلندڙ آهي

فوتين ۾ چڪ واسي نينگر شهريار، سندس ڀاءُ اظهار ڀيو، جميل لنڊ، نعيم جمالي ۽ لياقت جمالي شامل آهن

امجد عرف پپو چنو، ڪامران سمون ۽ بابر انڙ به گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا

Read Previous

وارهه ۾ مبينا اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻايل ناري نازيه چنو دم ڏئي ڇڏيو

Read Next

ٽي وي اينڪر ۽ يو ٽيوبر عمران رياض 4 مهينا گم رهڻ بعد گهر پهچي ويو

Most Popular