سڪرنڊ ويجهو ماڙي جلباڻي ۾ 4 ڄڻا مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهن، ايس يو پي جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن
خيرپور ۾ قومي شاهراهه تي شاهه حسين باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي
ڄامشورو ۾ ماڙي جلباڻي واقعي خلاف احتجاجي ريلي ۽ مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ ۽ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو
ٺل، ڪنڌڪوٽ، پنوعاقل، نصيرآباد، مانجهند، ٽنڊو آدم، قمبر، هالا ۽ ڀان سيد آباد ۾ به احتاججي مظاهرا ڪيا ويا
گهوٽڪي، ڏهرڪي، عمرڪوٽ، پٿورو، ڍورو نارو، ڪوٽڙي، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا
مظاهرين پاران 4 ڳوٺاڻن جي قتل ۾ ملوث سمورن اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو
ماڙي جلباڻي واقعي ۾ مارجي ويل 4 ڳوٺاڻن جا مڙهه رات دير سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، وارثن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آهي