ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آھي ته ڪراچي جي شھري ماحوليات کي خراب ڪندڙن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي. غيرقانوني طور تي ڪچرو کڻي شھر ۾ گدلاڻ پکيڙيندڙن کي گرفتار ڪري مٿن ايف آءِ آرون داخل ڪيون وڃن
ان ڏس ۾وزيراعليٰ ھائوس مان جاري ڪيل بيان موجب وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي ھدايت تي ڪراچي اوڀر ضلعي ۾ ڪچرو ميڙيندڙ افغانين خلاف آپريشن ڪيو ويو، پوليس افغانين جو سامان قبضي ۾ وٺي سندن ڪچري جي غيرقانوني ڊمپنگ پوائنٽ کي بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته افغانين خلاف فيروز آباد ٿاڻي تي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي
پوليس موجب اهي افغاني جمشيد ٽائون جي يوسي 8 (پي اي سي ايچ ايس) جي ڪشمير روڊ، علامه اقبال روڊ، خالد بن وليد روڊ، سر سيد روڊ، طارق روڊ ۽ نور گرائونڊ مان ڪچرو کڻي انهي مان پنهنجي ڪم وارو مواد ( لوهه، پلاسٽڪ، ڪاٺ) ڪڍي باقي ڪچرو نالن ۾ ڦٽو ڪندا آھن، صفورا ورڪشاپ تائين گندگي پکڙجڻ جي نتيجي ۾ گٽر نالا بند ٿي ويندا آھن، پوليس ڪارروائي بعد ڪچرو ميڙيندڙ ٻيا افغاني پڻ گم ٿي ويا آهن