دادو: ام رباب چانڊيو آئي جي سنڌ کان تحفظ جو نوٽيس وٺڻ
جي اپيل ڪندي چيو آهي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي. مون کي
ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميواري ڊي آئي جي لاڙڪاڻو هوندو. تفصيل
موجب پيءُ ڏاڏو ۽چاچي جي قاتل جي خلاف 6 سالن کان ڪيس وڙهندڙ
ام رباب چانڊيو جي حياتي کي وڏو خطرو اهي. ميهڙ ۾ 6 سال اڳ ٽن
ڄڻن جي قتل ڪيس جي معاملي تي ام رباب چانڊيو وڊيو بيان ۾ سنڌ
پوليس تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا. ام رباب چانڊيو وڊيو بيان ۾ آئي جي
سنڌ کان تحفظ ۽ نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي ڇيو آهي ته منهنجي حياتي
کي خطرو آهي. مون کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار ڊي آئي جي
لاڙڪاڻو هوندو. هن چيو ته ايس ايڇ او قمبر مقرري جي جاچ ڪرائي
خدشا ختم ڪيا وڃن. ڪيس ۾ گهربل سردار خان چانڊيو جوابدار علي
گوهر جي پٽ کي ايس ايڇ او قمبر مقرر ڪرايو، اڳ به اسان جي
ڪيس ۾ هڪ ايس ايڇ او جوابدار گهربل آهي. ان کي به سردار چانڊيو
مقرر ڪرايو هو.