سکر (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي صدارت هيٺ ڊي آءِ جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي صدارت هيٺ ڊي آءِ جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو
اجلاس ۾ صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي، قاتلن جي گرفتاري ۽ امن امان بابت غور ويچار ڪيو ويو
ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سکر پاران آءِ جي سنڌ کي جان محمد مهر قتل ڪيس ۽ جاري آپريشن بابت جي بريفنگ ڏني وئي
پوليس ذريعن موجب آئي جي سنڌ سکر ۾ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ جاري آپريشن جو ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پيز سان گڏ جائزو وٺندو
سڀاڻي آئي جي سنڌ شڪارپور ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾ آپريشن ۽ امن امان متعلق صورتحال جو جائزو وٺندو