پاڪستان بار چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پاڪستان بار ڪائونسل چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران به چيف اليڪشن ڪمشنر جي ڪردار تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جي تڪبندين تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي

پاڪستان بار ڪائونسل جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جهلم ۾ پنهنجي اباڻي تڪ ۾ قومي اسيمبلي جا 2 تڪ ٺاهي ڇڏيا آهن، جهلم جي 13 لک آباديءَ واري تڪ کي قومي اسيمبلي جون 2 سيٽون ڏنيون ويون آهن، ان جي ابتڙ 13 لک آباديءَ واري حافظ آباد جي تڪ کي قومي اسيمبلي جي رڳو هڪ سيٽ ڏني وئي آهي

پاڪستان بار ڪائونسل جو چوڻ آهي ته اهو تاثر وڌي رهيو آهي ته هاڻوڪي اليڪشن ڪميشن جي موجودگي ۾ شفاف چونڊون ڪرائي نه ٿيون سگهجن، جهلم کانسواءِ گجرانوالا ۽ راولپنڊي ضلعن ۾ به تڪبندين دوران عدم توازن ڏسڻ لاءِ مليو آهي

سپريم ڪورٽ کي اليڪشن ڪميشن جي هر قدم جي منظوري ڏيڻ بدران انهن تضادن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي

سپريم ڪورٽ بار پاران به جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تڪبندين بابت شڪايتن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ رڳو چونڊن جي ٽائيم لائين تي عمل ڪرڻ استحڪام کي نقصان پهچائي سگهي ٿو

Read Previous

ڪير امير المومنين بڻجڻ چاهي ٿو ته ڪير ٽائيگر فورس سان ملڪ هلائڻ چاهي ٿو: بلاول

Read Next

قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون وڙهڻ لاءِ اميدوارن پاران فارم وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري

Most Popular