سنڌ ڪابينا: وفاقي سرڪار کان 52 هزار 8 سئو ميٽرڪ ٽن امپورٽڊ ڀاڻ خريدڻ جو فيصلو

سنڌ ڪابينا پاران وفاقي سرڪار کان 52 هزار 8 سئو ميٽرڪ ٽن امپورٽڊ ڀاڻ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صوبي جي 23 ضلعن ۾ 25 هزار 8 سئو ميٽرڪ ٽن ڀاڻ ورهايو ويندو

سيڪريٽري زراعت ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته وفاقي سرڪار کان ڀاڻ جي خريداري تي 4 ارب روپيا خرچ ايندو، سنڌ ۾ ڀاڻ جو اگهه 3 هزار 6 سئو روپيا في بيگ مقرر ڪيو ويندو

نگران وڏي وزير مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، اين فائيو موٽر وي کي اين نائين سان ملائيندڙ لنڪ روڊ جي تعمير لاءِ ڏيڍ ارب روپيا منظور ڪيو ويو آهي

نگران وڏي وزير انٽرچينج تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سنڌ ڪابينا نيشنل کير ٿر پارڪ جي چارديواري لاءِ 2 ڪروڙ 60 لک روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وائيلڊ لائيف، روينيو کاتي ۽ واڳيل ڊي سيز تي ٻڌل ڪميٽي سموري کيرٿر ايريا جو سروي ڪندي ۽ ميپنگ به ڪندي

 هندو جيم خانه جي بحاليءَ لاءِ 109 ملين روپيا ڏيڻ جي به منظوري، حيسڪو ۽ سيپڪو جي رهتن جي ادائگي لاءِ رقمون جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي

Read Previous

مسلم ليگ نواز جي سربراهه ميان نواز شريف جا لاهور جي قومي تڪ اين اي 130 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن

Read Next

پيپر ليڪ ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ بابت شاگردن جون درخواستون رد

Most Popular