سپريم ڪورٽ ۾ جبري گمشدگين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي، اٽارني جنرل طلب

سپريم ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن ۽ جبري گمشدگين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ گم ٿيل ماڻهن ۽ جبري گمشدگين جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تان لائيو نشر ڪئي وئي، ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس سنجيده نوعيت جو آهي، عدالت کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ يا عدالت جو مذاق اڏائڻ نه ڏينداسين، اسان هن مسئلي کي حل ڪنداسين

درخواست گذار اعتزاز احسن جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت جوڙيل ڪميشن جي پنهنجي رپورٽ موجب هيل تائين 2 هزار 2 سئو ماڻهو گم ٿيل آهن

 چيف جسٽس چيو ته اعتزاز احسن جي سامهون ڪنهن کي کنڀيو ويو هجي ته هو ڳالهه ڪري، يا  ڪير پاڻ اچي چوي ته مون کي اغوا ڪيو ويو هو ته اسان ٻڌون، توهان پنهنجي طرفان اها ڳالهه ڪيئن ٿا ڪري سگهو؟ شعيب شاهين ڇا توهان پاڻ ان جا گواهه آهيو؟

 وڪيل شعيب شاهين چيو ته سڄو پاڪستان ان جو گواهه آهي، چيف جسٽس چيو ته توهان اهڙا ڊائلاگ نه ڳالهايو، توهان رڳو هڪ پارٽيءَ جو ذڪر ڪيو، اهي سڀ ماڻهو پارٽي ڇڏي ويا، اسان وٽ ان جو ڪو حل نه آهي، ڇا توهان شيخ رشيد کي معصوم ماڻهن جي ڪيٽيگري ۾ رکندا؟ ف

رخ حبيب، عثمان ڊار، صداقت عباسي اهي ماڻهو ڪير آهن؟ ڇا اسان انهن کي چئون ته پي ٽي آءِ ۾ واپس اچي وڃو؟ وڪيل شعيب شاهين چيو ته اسان گم ٿيل بلوچن جو معاملو به درخواست ۾ اٿاريو آهي،

چيف جسٽس چيو ته اسان سياسي مقصدن لاءِ عدالت کي استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهڻ گهرجي

Read Previous

سپريم ڪورٽ پي ڪي 91 رٽرننگ آفيسر جي معطلي بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

Read Next

بلاول تهذيب ۾ رهي گفتگو ڪري، هُن کي جواب نه ڏيڻ پارٽي پاليسي آهي:نواز ليگ ترجمان

Most Popular