تنگواڻي (رپورٽر) پوليس پاران ڪچي مان نينگر ۽ پورهيت نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي
ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور جو چوڻ آهي ته جمال جي ڪچي واري علائقي مان غلام الرسول بکراڻي ۽ منصور پٺاڻ کي بازياب ڪرايو ويو آهي
ايس ايس پي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن جي نتيجي ۾ پورهيت ۽ نينگر جي بازيابي عمل ۾ آئي آهي
ذريعن موجب 50 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نينگر ۽ نوجوان کي راڄوڻي ذريعي بازياب ڪرايو ويو آهي