لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
اليڪشن ڪميشن ڊاڪٽر فهميدا مرزا کي جي ڊي اي جو چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي
اليڪشن ڪميشن طرفان فارم 33 ۾ فهميده مرزا جو نالو آزاد اميدوار طور شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي
اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته حسام مرزا اڃا تائين ميدان ۾ آهي ۽ هن جي ڊي اي اميدوار طور نامزدگي ڪاغذ واپس نه ورتا آهن، هڪ ئي وقت هڪ چونڊ نشان هڪ سياسي جماعت جي ٻن اميدوارن کي الاٽ نه ٿو ڪري سگهجي
پارٽي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ۽ چونڊ نشان الاٽمينٽ جا مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن، جي ڊي اي اميدوار کي اڳ ئي چونڊ نشان الاٽ ٿي چڪو آهي، ان مرحلي تي نظرثاني نه ٿي ڪري سگهجي