مهانگائي سٽيل عوام کي بجلي جو وڌيڪ جهٽڪو ڏيڻ جون تياريون

اسلام آباد: مهانگائي سٽيل عوام مٿان وڌيڪ بجلي بم ڪيرائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي

بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين نيپرا ۾ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2023ع جي ٽه ماهي ايڊجسمينٽ جي مد ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ ملڪ جي لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي

درخواست ۾ ڪيپسٽي چارجز جي مد ۾ 75 ارب 14 ڪروڙ رپين جي وصولي ۽ نقصانن جي مد ۾ 10 ارب 82 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي

بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي 14 فيبروري تي ٿيندي، درخواست جي منظوري بعد بجلي صارفين تي 81 ارب 50 ڪروڙ رپين جو وڌيڪ بار منتقل ٿيڻ جو امڪان آهي

Read Previous

اسان کي تنقيد سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، اسان آئين ۽ قانون مطابق هلون ٿا: چيف جسٽس

Read Next

چونڊن واري ڏينهن جي ڊي اي يا ڪجهه ٻيو نه پر رڳو تير هلندو: آصفه ڀٽو

Most Popular