مچ ۾ فورسز وڏو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، 5 دهشتگرد مارجي ويا: جان اچڪزئي

بلوچستان جي علائقي مچ ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، 5 دهشتگرد مارجي ويا

 بلوچستان جي سڌ سماءَ واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پاران حملي کي ناڪام بڻائڻ جي ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا

 حملي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪ آرمي ۽ ايف سي جي تيز ترين ڪارروائي واکاڻ جوڳي آهي، دهشتگردن جي گذريل رات ڪيل حملي بعد ڪوئيٽا مان مختلف شهرن ڏانهن ٽرينن جي اچ وڃ بند ڪئي وئي

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي جان اچڪزئي چيو ته اهي دهشتگرد جيڪي جبلن ۾ لڪيل آهن انهن کي به ختم ڪري ڇڏينداسين

هن چيو ته دهشتگردن سوشل ميڊيا تي آپريشن جي پروپئگنڊا ڪئي پر انهن جي ان ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، سيڪيورٽي ادارن ثابت ڪيو ته ڪجهه دهشتگرد عسڪري طاقت جي مقابلي ۾ ڪجهه به ناهن

Read Previous

چونڊن واري ڏينهن جي ڊي اي يا ڪجهه ٻيو نه پر رڳو تير هلندو: آصفه ڀٽو

Read Next

ڪراچي ۾ شاديءَ کان انڪار ڪرڻ تي جوابدار ڇوڪري کي گولي هڻي ڇڏي

Most Popular