اسلام آباد: جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چونڊ نتيجا رد ڪندي اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته چونڊون شفاف ٿيون ته پوءِ 9 مئي وارو بيانيو دفن ٿي چڪو
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪردار شروع کان شڪي رهيو آهي، اهڙا اميدوار به ڪامياب ٿيا آهن، جيڪي مخالف اميدوار آڏو هٿ کڻي چڪا آهن
مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جا تابعدار ناهيون، جي يو آءِ(ف) پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري سگهي ٿي
مولانا فضل الرحمان اسيمبليز ۾ خدشن سان گڏ ويهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جيڪي سمجهن ٿا ته ڌانڌلي ناهي ٿي، اُهي حڪومت سان ويهن ۽ عياشي ڪن
پاڪستان تحريڪ انصاف سان اتحاد جي حوالي سان سوال تي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ سان جهيڙو جسمن جو نه پر دماغن جو آهي، اُهو به جلد ٺيڪ ٿي ويندو
هن چيو ته نواز شريف کي دعوت ڏيون ٿا ته اُهو اسان سان گڏ اپوزيشن ۾ ويهي، نظرثاني جي گنجائش جي يو آءِ ناهي رکي