سپريم ڪورٽ چيو آهي ته فوج دفاعي مقصدن لاءِ ڏنل زمين تي شادي هالز ۽ ٻيا ڌنڌا شروع ڪري ڏنا آهن، خاطري ڪرايو ته ڌنڌا نه ٿيندا ته ٺيڪ آهي، سڀني کي پنهنجي مينڊيٽ ۾ رهڻ گهرجي
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا دفاعي زمينن تي ڪمرشل سرگرمين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته خاطري ڪرايو ته فوج رڳو دفاع جو ڪم ڪري ڪاروبار نه ڪري، فوج پنهنجو ڪم ڪري عدالتون پنهنجو ڪم ڪن
اٽارني جنرل چيو ته اصول ته اهو ئي آهي ته سڀ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪن، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن توهان کي اهڙيون هدايتون آهن ته عدالت کي خاطري ڪرايو
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته 5 ماڙ عمارت ٺهندي رهي ته ان وقت اويڪيو ٽرسٽ خاموش تماشائي بڻيل رهيو
چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ملي ڀڳت کانسواءِ غير قانوني اڏاوتون ممڪن نه آهن، ايس بي سي اي جي انسپيڪٽرز ۽ بالا آفيسرز جا اثاثا چيڪ ڪرڻ گهرجن