پي ٽي آءِ پاران عمر ايوب کي وزيراعظم نامزد ڪرڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف عمر ايوب کي وزيراعظم نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقات بعد وزيراعظم جي نامزدگي جو اعلان ڪيو

اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ باني ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪندڙ سمورين جماعتن سان رابطا ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، هڪ ٻن ڏينهن اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪوٺائينداسين، اڄ شام تائين احتجاجي تحريڪ بابت حڪمت عملي جوڙينداسين

اسد قيصر کي عدالتي حڪم تي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائي وئي

بئرسٽر سيف چيو ته آمريڪا هر دور ۾ آمرن يا ڪرپٽ ماڻهن جي سرپرستي ڪئي آهي، باني پي ٽي آءِ جو پيغام آهي ته آمريڪا اليڪشن ۾ ڌانڌلي تي نظر رکي ۽ آواز اٿاري، آمريڪا جو پاڪستان ۾ اليڪشن بابت بيان نمائشي قسم جو آهي

Read Previous

رات يارهين وڳي تائين آصف علي زرداري رابطو ڪندو رهيو: شير افضل مروت جي دعويٰ

Read Next

خيبر پختونخواهه جي نامزد وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري

Most Popular