ايم ڪيو ايم سنڌ جي گورنرشپ تان هٿ نه کڻندي: مصطفيٰ ڪمال

متحده اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي گورنرشپ تان هٿ نه کڻندي، سنڌ ۾ گورنرشپ ايم ڪيو ايم جو حق آهي، گورنر طور ڪامران ٽسوري جي ڪارڪردگي سٺي آهي، ڪامران ٽسوري کي ئي سنڌ جو گورنر رهڻ ڏجي

مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته سنڌ جي گورنرشپ تي ڪو بحث ٿئي، ايم ڪيو ايم وٽ ڪراچي جو 80 سيڪڙو ۽ حيدرآباد جو سئو سيڪڙو مينڊيٽ آهي، تنهن ڪري گورنر به ايم ڪيو ايم جو ٿيڻ گهرجي، حڪومت ۾ نالي ماتر رهڻ نه ٿا چاهيو

بلدياتي ادارن کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ 3 آئيني ترميمن تي حمايت حاصل ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي

Read Previous

سنڌ جي نگران ڪابينا: اسلام ڪوٽ جي آر او پلانٽ لاءِ 434 ملين روپين جي منظوري

Read Next

بڇيري ۾ نينگر  سان مبينا بدفعلي، معصوم ڪچري جي ڍير تي ڦٽو

Most Popular