پي ايس ايل نوَ: تماشائين صفائي جو خيال نه رکيو، ميئر ڪراچي حرڪت ۾ اچي ويو

ڪراچي: (خميس: 29 فيبروري 2024ع) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، پاڪستان سپر ليگ دوران اسٽيڊيم ۾ تماشائين کي صفائي سٿرائي جو خيال رکڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.

گذريل ڏينهن پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي ميچ ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ کيڏي وئي.

ميچ ڏسڻ لاءِ تماشائين جو وڏو انگ ته آيو پر جيڪي ماڻهو ميچ ڏسڻ آيا انهن پاران اسٽيڊيم جي اسٽينڊز ۾ گند اُڇلايو ويو جنهن جي تصوير ميئر ڪراچي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي.

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ايڪس تي ڪراچي اسٽيڊيم ۾ گندگي جون تصويرون اَپ لوڊ ڪندي لکيو ته هي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي رڳو هڪ اسٽينڊ جي تصوير آهي جيڪڏهن اسان شهري پنهنجو ڪردار ادا نه ڪنداسين ته شهر ڪڏهن به صاف نه ٿي سگهندو.

مرتضيٰ وهاب درخواست ڪئي ته مهرباني ڪري ان بابت سوچيو.

Read Previous

اڄ کان پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان

Read Next

سيوهڻ: لعل شهباز قلندر جي 772هين عرس مبارڪ جون تقريبون شروع، سنڌ جي گورنر چادر چاڙهي افتتاح ڪيو

Most Popular