سيوهڻ: لعل شهباز قلندر جي 772هين عرس مبارڪ جون تقريبون شروع، سنڌ جي گورنر چادر چاڙهي افتتاح ڪيو

سيوهڻ: (خميس: 29 فيبروري 2024ع)  سيوهڻ ۾ صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جي 772هين عرس مبارڪ جي تقريبن جي شروعات ٿي وئي آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري لعل شهباز قلندر تي چادر چاڙهي تفريبن جو افتتاح ڪيو، اوقاف کاتي سنڌ جي سيڪريٽري منور مهيسر سنڌ جي گورنر جو استقبال ڪيو.

ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاهه ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو به گورنر سان گڏ هئا. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري قلندر جي مزار تي ڌمال به ڏٺي. ميلا ڪميٽي جي چيئرمين علي ذوالفقار ميمڻ سنڌ جي گورنر کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو ڏنو.  سڄي پاڪستان مان ايندڙ عقيدتمندن جو ميلي جي موقعي تي تمام وڏو رش هو. مزار ۾ داخل ٿيندڙ عقيدتمندن جي دروازي تي تلاشي ورتي وئي.

ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو تـ سنڌ اوليائن جي سرزمين آھي ۽ اسان جي خوشنصيبي آھي جو اسان کي ھي شاندار ورثو مليو آھي ـ ھن چيو تــ اڄ سنڌ ۽ پاڪستان جي خوشحالي ۽ امن لاء خصوصي دعا گھري آھي، سنڌ جي ترقي سان ئي پاڪستان جي ترقي جڙيل آھي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن اڄ حضرت قلندر لعل شھباز جي 772 ھين عرس مبارڪ جو افتتاح ڪندي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. گورنر سنڌ سيڪريٽري  اوقاف  منور علي مهيسر ڪمشنر حيدرآباد سيد خالد حيدر شاھ ، ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو، علي ذوالفقار ميمڻ ۽ ضلعي انتظاميـ کي عرس جي بھترين انتظامن تي خراج تحسين پيش ڪيوئ

ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تـ ملڪ ھن وقت معاشي طور تي ڪمزور آھي ۽ ڪا بـ ھڪ سياسي پرٽي معيشيت کي بھتر نـ ٿي ڪري سگھي ان ڪري مخلوط حڪومت ۾ سڀئي پارٽيون گڏجي ملڪ کي ھن مشڪل حالتن مان ڪڍڻ لاء ڪوشش ڪنديون. ھن چيو تـ اسان کي بجاء ھڪ ٻئي کي ٺيڪ ڪرڻ جي اسان کي معيشيت کي ٺيڪ ڪرڻ گھرجي. ھـن چيو تـ آزاد اميدوار جن سني اتحاد ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي انهن کي بـ آئون ميڊيا جي ذريعي چوان ٿو تــ اسان سڀني کي گڏجي ملڪ جي معيشيت کي بھتر بڻائڻ لاء ڪوشش ڪرڻ گھرجي.

Read Previous

پي ايس ايل نوَ: تماشائين صفائي جو خيال نه رکيو، ميئر ڪراچي حرڪت ۾ اچي ويو

Read Next

نواز ليگ جو اياز صادق 199 ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جو نئون اسپيڪر چونڊجي ويو

Most Popular