اسلام آباد: (ڇنڇر: 23 مارچ 2024ع) چين جي صدر شي جن پنگ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري کي يوم پاڪستان تي مبارڪباد جي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هلندڙ سلان دوران پاڪستان مختلف خطرن ۽ چيلنجز ت يڪنٽرول ڪيو آهي، قومي تعمير ۾ نئين اڳڀرائي ڪئي آهي. عالمي ۽ علاقائي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
چيني ميڊيا موجب شي جن پنگ چيو ته دنيا، زماني ۽ تاريخ جي تبديلين جي حوالي سان چين ۽ پاڪستان ملي هڪ ٻئي جي مدد ڪئي آهي ۽ دوستي جي معاملي کي پڻ هٿي ڏني. صدر شي جن پنگ چيو ته هو چين پاڪستان لاڳاپن جي ترقي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ صدر آصف علي زرداري سان گڏ اسٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط بنائي ٿو.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ڀائيواري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته نئين دور ۾ وڌيڪ قربت حاصل آهي چين پاڪستان سان هر معاملي ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.
چين جي وزيراعظم لي چيانگ ۽ سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ چيني پرڏيهي وزير وانگ اي به پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزارت اسحاق ڊار جي نالي يوم پاڪستان تي مبارڪباد جا ڌار ڌار پيغام اماڻيا.