ڪنزرويٽو جي 14 سالا حڪمراني جو سج لهي ويو، ليبر پارٽي ڪامياب، اسٽارمر برطانيا جو نئون وزيراعظم

لنڊن(م ڊ) برطانيا جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي، ليبر پارٽيءَ جو اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر برطانيا جو نئون وزيراعظم بڻجي ويو، ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي وزيراعظم رشي سونڪ شڪست تسليم ڪري ورتي، وزيراعظم رشي سونڪ چيو ته ليبر پارٽي چونڊون کٽي چڪي آهي ۽ مون سر ڪيئر اسٽارمر کي فون ڪري واڌايون ڏنيون آهن، سينٽرل لنڊن ۾ خطاب ڪندي سر ڪيئر اسٽارمر چيو ته تبديليءَ جي شروعات ٿي رهي آهي، سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي، 650 سيٽن مان 643 سيٽن جا نتيجا اچي ويا، ليبر پارٽي 412 سيٽون ٻهاري ورتيون، ڪنزرويٽو پارٽي رڳو 120 ۽  لبرل ڊيموڪريٽس 71 سيٽن تي ڪامياب رهيون ،ليبر پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ رڳو 326 سيٽن جي ضرورت هئي. چونڊن ۾ بچاءَ واري وزيرگرانٽ شيپس سميت ڪيترن ئي اهم وزيرن کي عوام رد ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وزيراعظم لزٽرس به ناڪام وئي، پاڪستاني ڄائي ناز شاهه ڪاميابي ماڻي ورتي، ڪنزرويٽو پارٽي  جي سينيئر وزير پيني مارڊينٽ ۽ ٽوري جي اهم ترين ميمبر سمجهيو ويندڙ جيڪبريس ماگ کي به ناڪامي جو منهن  ڏسڻو پيو.  جڏهن ته برطانوي وزيراعظم  رشي سونڪ پنهنجي سيٽ کٽڻ۾ ڪامياب رهيو. ليبر پارٽي وڏي اڪثريت ۾ ڪاميابي ماڻي  حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي. برطانوي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر چيو ته دنيا سنگين چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، برطانيا کي هڪ ڀيرو وري رهنمائي ڪندڙ ملڪ بڻائينداسين. سندس چوڻ هوته اوهان جي حڪومت هر شهري کي احترام جي نظر سان ڏسندي، اوهان جو واسطو ڪهڙي به پارٽي سان هجي حڪومت سڀني لاءِ ڪم ڪندي.

Read Previous

اڏيرولال مان 16 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل واپاري نريش ڪمار شڪارپور مان بازياب

Read Next

ايران جي صدارتي چونڊن ۾ مسعود پزشڪيان صدر چونڊجي ويو

Most Popular