ايران جي صدارتي چونڊن ۾ مسعود پزشڪيان صدر چونڊجي ويو

تهران: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران جي صدارتي چونڊن ۾ مسعود پزشڪيان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ايراني صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي(رن آف) ۾ اصلاح پسند اميدوار مسعود پزشڪيان هڪ ڪروڙ 63 لک ووٽ کڻي نئون صدر چونڊجي ويو جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ رجعت پسند سعيد جليلي هڪ ڪروڙ 35 لک ووٽ کڻي سگهيو.

ايراني گهرو وزارت مسعود پزشڪيان جي ڪاميابي جو اعلان ڪندي مسعود پزشڪيان اڪثريتي ووٽ حاصل ڪري ورتا آهن. پنهنجي فتح تي ڳالهيون ڪندي پزشڪيان چيو ته اسان سڀ هن ملڪ جا رهواسي آهيون، اسان سڀني طرف دوستي جو هٿ وڌائينداسين.

ٻئي طرف پزشڪيان جي مقابلي ۾ بيٺل اميدوار سعيد جليلي شڪست کان پوءِ چيو ته جنهن کي عوام چونڊيو آهي اسان کي ان جي عزت ڪرڻ گهرجي اسان کي  پنهنجي پوري طاقت سان پزشڪيان جي مدد ڪرڻ  گهرجي ته جيئن هو مضبوطي سان اڳيان وڌي. مسعود پزشڪيان پيشي جي حوالي سان سرجن ۽ قانونساز آهي ۽ اهو مغربي ملڪن سان سٺن  لاڳاپن جو خواهشمند آهي.

Read Previous

ڪنزرويٽو جي 14 سالا حڪمراني جو سج لهي ويو، ليبر پارٽي ڪامياب، اسٽارمر برطانيا جو نئون وزيراعظم

Read Next

ڪنگري جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيءُ معصوم نياڻي سوڌو قتل

Most Popular