مريم نواز پنجاب جي مزدورن کي 1200 کان وڌيڪ فليٽ مفت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: (اربع: 10 جولاءِ 2024ع) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ٽيڪسلا ۽ سندر ليبر ڪالونين ۾ مزدورن جي لاءِ 1224 فليٽ مفت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ليبر ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، ان دوران وزيراعليٰ کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ 29 هزار پورهيتن کي ڊيٿ ۽ ميرج گرانٽ ادا نه ڪئي وئي جنهن تي مريم نواز مزدورن جي لاءِ 6 ارب روپين جا واجبات ادا ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو.

پنجاب جي وزيراعليٰ اجلاس ۾ گارمنٽ سٽي ۾ عورت ورڪرز جي لاءِ 2 هاسٽل ٺاهڻ جي منظوري ڏني ۽ شيخوپوره ۾ 704 عورت ورڪرز کي مفت رهائش ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٽيڪسلا ۽ سندر ليبر ڪالونين ۾ مزدورن جي لاءِ 1224 فليٽ مفت ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

مريم نواز ليبر کاتي ۾ اصلاحات، آڪوپيشنل سيفٽي اينڊ هيلٿ ۽ گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي قانون تي عمل ڪرڻ ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيو.

اجلاس ۾ ڳالهيون ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته هر مزدور جي حقن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي، پنجاب حڪومت هلندڙ بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار روپيه مقرر ڪئي آهي، اسٽيڪ هولڊرز کي ڀروسي ۾ ورتو ويندو.

Read Previous

پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي، ايس آءِ ايف سي ملڪ کي هلائي رهي آهي: عمران خان

Read Next

پشاور: سيڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن خلاف آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا، 4 اهلڪار شهيد

Most Popular