پشاور: سيڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن خلاف آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا، 4 اهلڪار شهيد

پشاور: (اربع: 10 جولاءِ 2024ع) خيبرپختونخواهه جي گادي واري شهر ۾ پشاور ۾ دهشتگردن جي خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ٽي ٽي پي جي شيڊو گورنر ڪمانڊر عبدالرحيم سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته آپريشن دوران 4 اهلڪار شهيد جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن.

پشاور پوليس طرفان جاري ڪيل بيان موجب آپريشن پشاور جي ڏوراهين علائقي متني حسن خيل ۾ ڪيو ويو، دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ۾ دهشتگردي جي انت وارو کاتو(سي ٽي ڊي) ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حصو وٺي رهيا هئا.

ذريعن موجب پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ صبح جو دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا جڏهن ته پابندي  مڙهيل ٽي ٽي پي جو شيڊو گورنر ڪمانڊر عبدالرحيم به ڪارروائي ۾ مارجي ويو آهي.

ذريعن  ٻڌايو آهي ته ڪمانڊر عبدالرحيم جا 2 ساٿي به آپريشن ۾ مارجي ويا آهن. صبح کان جاري آپريشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. حسن خيل آپريشن پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي وڏي ڪاميابي آهي.

شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز پوليس لائين ۾ ادا ڪئي ويندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته آپريشن ۾ 3 پوليس اهلڪار معمولي زخمي ٿيا آهن جيڪي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.

Read Previous

مريم نواز پنجاب جي مزدورن کي 1200 کان وڌيڪ فليٽ مفت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

اي پي سي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اپوزيشن پارٽين کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن: خواجه آصف

Most Popular