اي پي سي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اپوزيشن پارٽين کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن: خواجه آصف

اسلام آباد: (اربع: 10 جولاءِ 2024ع) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته حڪومت آل پارٽيز ڪانفرنس(اي پي سي) گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

خواجه آصف هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اي پي سي گهرائڻ جو فيصلو ملڪي مفاد ۾ ڪيو آهي، اپوزيشن پارٽين کي جامع ڳالهين جي لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. ترقي جي لاءِ اپوزيشن پارٽين سان ڳالهيون ضروري آهن.

دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ انٽلييجنس جي بنياد تي ڪارروايون جاري آهن. اسان جي هٿياربند فوج جا جوان ملڪ جي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي رهيا آهن. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پوري قوم ۽ اپوزيشن سميت سموريون سياسي پارٽيون دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن عزم استحڪام جي حمايت ڪنديون.

خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي پر انهن جي اڳواڻن سياسي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين جي آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو. عمران خان ماضي ۾ سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ڪال ٽريسنگ جي تعريف ڪئي هئي پر هاڻ پي ٽي آءِ فون ٽريس تي تنقيد ڪري رهي آهي.

حڪومت تازو ئي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏني هئي جنهن تي اپوزيشن پارٽين طرفان تنقيد ڪئي وئي آهي.

Read Previous

پشاور: سيڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن خلاف آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا، 4 اهلڪار شهيد

Read Next

مخصوص سيٽن جي معاملي تي عدالتي فيصلي کان پوءِ ڳالهائينداسين: مولانا فضل الرحمان

Most Popular