مخصوص سيٽن جي معاملي تي عدالتي فيصلي کان پوءِ ڳالهائينداسين: مولانا فضل الرحمان

ڊيره اسماعيل خان: (اربع: 10 جولاءِ 2024ع) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مخصوص سيٽن جي معاملي تي عدالتي فيصلي کان پوءِ ڳالهائينداسين.

ڊيرا اسماعيل خان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي آزاد ۽ خودمختار ٿي سوچڻ گهرجي. جيڪڏهن پهريون ڀيرو آپريشن جو تجربو هجي ها ته عوام لبيڪ چوي ها، عوام  اڳ به سوات  کان وٺي وزيرستان تائين دربدر ٿي چڪو آهي.

جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته اڄ به اهي ماڻهو دربدر آهن، معاوضو به نه ڏنو ويو اسان کي ڏسڻ گهرجي ته خرابي ڪٿي آهي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو.

Read Previous

اي پي سي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اپوزيشن پارٽين کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن: خواجه آصف

Read Next

اسان جي دوستن جي زرعي سوچ ناهي، اُهي زراعت تي انڪم ٽئڪس لڳائي رهيا آهن: صدر آصف زرداري

Most Popular