اسان جي دوستن جي زرعي سوچ ناهي، اُهي زراعت تي انڪم ٽئڪس لڳائي رهيا آهن: صدر آصف زرداري

اسان جي دوستن جي زرعي سوچ ناهي، اُهي زراعت تي انڪم ٽئڪس لڳائي رهيا آهن، وڏن زميندارن تي ٽئڪس لڳائڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو آءِ ايم ايف جو شرط آهي، زراعت تي ٽئڪس لاءِ تيار آهيون، پر زراعت تي انڪم ٽئڪس صوبائي حڪومتون لڳائينديون

صدر آصف زرداري چيو آهي ته  اسان آءِ ايم ايف جي شرطن تي هلي رهيا آهيون، زميندار اِنڪم ٽئڪس ۾ ائين شامل ٿيندا، جيئن بزنس مين شامل ٿيندا آهن، اسان کين خرچ، نفعو ۽ هاري جو حصو سڀ ڪجهه ڏيکارينداسين، نفعو ٿيو ته ٽئڪس ڏيندا

لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ميڊيا ۾ جيتري تنقيد مون تي ٿيندي آهي، اوتري ڪنهن ٻئي تي ناهي ٿي، آئون ٽي وي نه ڏسندو آهيان، گلا کي پنهنجي لاءِ ثواب سمجهان ٿو

Read Previous

مخصوص سيٽن جي معاملي تي عدالتي فيصلي کان پوءِ ڳالهائينداسين: مولانا فضل الرحمان

Read Next

ٽيم ۾ شموليت فٽنس سان مشروط: جيئن وڻيوَ ڪيو، ٽيم سُڌاري ڏيو: پي سي بي جو ڪوچز کي فري هينڊ

Most Popular