سيوهڻ: معمولي ڳالهه تان ڀنڀرا ۽ سولنگي برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

سيوھڻ:(رپورٽر) سيوھڻ  جي گل محمد شاھ پاڙي ۾ گھٽي مان گذرڻ واري معمولي ڳالھ تان ڀنڀرا ۽ سولنگي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.

جهيڙي دوران گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ 48 ورهين جو ميھار ڀنڀرو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻنھي ڌرين جا 18 ڄڻا سخت زخمي  ٿي پيا. زخمين کي سيوھڻ  اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين ۾ ھڪ ڌر جا ميان بخش ڀنڀرو، سائين بخش, وقار, الھ بخش, غلام مصطفيٰ, واحد بخش ڀنڀرو شامل آهن جڏهن ته ٻي ڌر جا شوڪت ماڇي، حاجي خان، بگن، برڪت ماڇي، وحيد عمراڻي ۽ ٻيا شامل آھن.

ٻڌايو پيو وڃي ته گھٽي واري معاملي تان ٻنھي ڌرين ۾ تڪرار ھلندڙ ھو ۽ ھڪٻئي کي گھٽي مان گذرڻ کان منع ڪرڻ تي جھيڙو ٿي پيو، ھوڏانھن  سيوھڻ  پوليس موجب  واقعي جي شروعاتي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

  • شيئر

Read Previous

ٽيم ۾ شموليت فٽنس سان مشروط: جيئن وڻيوَ ڪيو، ٽيم سُڌاري ڏيو: پي سي بي جو ڪوچز کي فري هينڊ

Read Next

9 مئي ڪيس: عبوري ضمانت انهي جو حق نه آهي جنهن حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ڪئي: عدالتي فيصلو جاري

Most Popular