پاڪستان بار ڪونسل آءِ ايس آءِ کي فون ٽيپنگ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (خميس: 11 جولاءِ 2024ع) پاڪستان بار ڪونسل آءِ ايس آءِ کي شهرين جا فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري منظوري جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان بار ڪونسل جي 6 ميمبرن ان حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ آءِ ٽي سيڪريٽري، سيڪريٽري دفاع، گهرو سيڪريٽري ۽ پي ٽي اي کي ڌر بنايو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ جي سيڪشن 54 جي تحت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن غيرقانوني آهي، فيئر ٽرائل ايڪٽ 2013ع ۾ ان حوالي سان مڪمل ميڪنزم ڏنو ويو. ڳجهي اداري کي فون ٽيپنگ جي اجازت ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته جيستائين ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي تيستائين نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي. هن درخواست کي داخل ڪندڙن ۾ پاڪستان بار ڪونسل جي ميمبرن شفقت محمود چوهاڻ، عابد زبيري، چوڌري اشتياق، منير احمد ڪاڪڙ، طاهر فراز عباسي ۽ عابد ساقي شامل آهن.

Read Previous

9 مئي ڪيس: عبوري ضمانت انهي جو حق نه آهي جنهن حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ڪئي: عدالتي فيصلو جاري

Read Next

پاڪستان جن کي جيلن مان آزاد ڪيو اِهي ئي ملڪ ۾ دهشتگردي ڪري رهيا آهن: محسن نقوي

Most Popular