بنون ۾ سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين جو ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري، ڪاروبار زندگي بحال

بنون: (سومر: 22 جولاءِ 2024ع) بنون ۾ پوليس لائن چوڪ تي واپاري برادري، سول سوسائٽي، عالم اڪرام ۽ سياسي پارٽين جو ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري آهي.

ڌرڻي جي باوجود بنون شهر ۾ ڪاروبار زندگي بحال جڏهن ته ٽريفڪ به معمول موجب روان دوان آهي جڏهن ته شهر ۽ ڀرپاسي ۾ موبائل فون سروس به بحال آهي.

ڌرڻي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته پوليس کي بااختيار بنايو وڃي ۽ رات جي وقت علائقي ۾ گشت ڪيو وڃي. دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ سي ٽي ڊي کي شامل ڪيو وڃي. ڌرڻو هڻندڙ ڪميٽي مطالبو ڪيو آهي ته گم ٿي ويل ماڻهن کي به سامهون آندو وڃي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بنون ۾ امن مارچ منعقد ڪيو ويو هو جنهن ۾ فائرنگ کان پوءِ ڀڄ ڊوڙ ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

ان حوالي سان صوبائي گهرو وزير چيو هو ته 19 جولاءِ تي سياسي پارٽين سميت واپاري برادري جو اجتماع ٿيو جيڪو پرامن طور ختم ٿيو پر ان دوران مظاهرين جي آڙ ۾ ڪجهه شرپسندن پٿراءُ ڪيو ۽ سيڪيورٽي فورسز جي سپلاءِ ڊپو تي لڳايل خيمن کي باهه ڏئي ڇڏي.

ڪي پي ڪي جي گهرو وزارت موجب شرپسندن جي طرفان ڊپو جي ڀت کي به ڪيرايو ويو پوليس انهن کي اتان ڪڍڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ان دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو هو جڏهن ته 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

Read Previous

گلوبل ٽي ٽوئنٽي ڪينيڊا لاءِ بابر، شاهين ۽ رضوان کي اجازت نه ملڻ جو امڪان

Read Next

شاهه محمود قريشي جي اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ تي پيش ٿيڻ جي درخواست رد، پيش ٿيڻ جو حڪم

Most Popular