پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن جي جسماني ريمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ

اسلام آباد: (خميس: 25 جولاءِ 2024ع)  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد تحريڪ انصاف جي اڳواڻ رئوف حسن جو وڌيڪ 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو.

رئوف حسن ۽ ٻين جوابدارن کي 2 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر رئوف حسن سميت ٻين جوابدارن جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي.

ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس اڃان تائين ريڪور نه ٿيا آهن. اي ميل اڪائونٽ  کي لاگ ان ڪرڻو آهي. پئسن جي عيوض ماڻهو واٽس ايپ گروپ هلائي رهيا آهن. پرڏيهي ملڪن جا ماڻهو به ان ۾ شامل آهن.

جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن جي موبائل مان سوشل ميڊيا تي ٺاهيل جعلي اڪائونٽس مليا آهن. رئوف حسن سوشل ميڊيا ٽيم جي سربراهي ڪندو آهي. رئوف حسن طرفان سوشل ميڊيا ٽيم کي هدايتون ڏنيون وينديون آهن.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي رئوف حسن سميت 9 شريڪ جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ۾  وڌيڪ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

Read Previous

شاهه محمود قريشي جي اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ تي پيش ٿيڻ جي درخواست رد، پيش ٿيڻ جو حڪم

Read Next

اپوزيشن کي ڦاهي لڳائڻ جي مطالبي تي عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ جهيڙو ٿيو: راڻا ثناءُالله

Most Popular