اپوزيشن کي ڦاهي لڳائڻ جي مطالبي تي عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ جهيڙو ٿيو: راڻا ثناءُالله

پيرس: (خميس: 25 جولاءِ 2024ع)   وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته اپوزيشن کي ڦاهي لڳائڻ جي مطالبي تي پي ٽي آءِ باني ۽ اسٽيلشمينٽ ۾ جهِيڙو ٿيو هو.

پيرس ۾ پاڪستانين کي جلسي ۾ خطاب دوران راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ باني جي سوچ جمهوري نه هئي، انهي جي سوچ آمراڻي ۽ فسادي آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو هو، پر جڏهن اپوزيشن کي ڦاهي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ته جهيڙو ٿي پيو ڇو ته اسٽيبلشمينٽ ان حد تائين نٿي وڃڻ چاهيو.

راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ آئي ته شهباز شريف ۽ بلاول ساٿ هلڻ جي آڇ ڪئي جنهن تي عمران خان چيو ته هو سڀني کي جيل ۾ وجهي ڇڏيندو.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي خلاف  تحريڪ عدم اعتماد آئيني هئي، پي ٽي آءِ باني  مقابلي بجاءِ استعيفي ڏئي واپس هليو ويو.

راڻا ثناءُالله ان موقعي تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته اهي ڊجيٽل دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪن.

Read Previous

پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن جي جسماني ريمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ

Read Next

عمران خان جي گرفتاري امڪاني طور تي فوج کي ڏيڻ خلاف درخواست داخل

Most Popular