جماعت اسلامي ڌرڻي کي حڪومت هٽايو تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪرڻ ۽ بجلي جون قيمتون گهر ڪرڻ جا مطالبا پورا نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڌرڻي کي حڪومت هٽايو تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي جيڪي مطالبا ڪري رهي آهي اهي حقيقت تي ٻڌل آهن. صنعتن سان تعلق رکندڙ وفد کي ڌرڻي ۾ ڀليڪار چوان ٿو. صنعتنڪارن جو ڌرڻي ۾ اچڻ اهو ثبوت آهي ته جماعت اسلامي ئي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿي.

هن چيو ته حڪومت کي چيو آهي ته اسان کي آءِ پي پيز سان ٿيل معاهدن کي ڏيکاريو وڃي جيڪا بجلي ٺهي ئي نه رهي آهي ان جا پئسا وصول ڪيا پيا وڃن. اربين روپيه معاهدن جي صورت ۾ ڦريا پيا وڃن جنهن جو مدو پورو ٿي ويو آهي حڪومت هاڻ انهن معاهدن کي ختم ڪري.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته آءِ پي پيز جي معاهدي تي جيستائين نظرثاني نه ٿيندي ڌرڻو ختم نه ٿيندو. جڏهن اوهان پنهنجا فري پيٽرول ۽ بجلي ختم ڪندو، وڏيون گاڏيون ڇڏيندو ته حالتون بهتر ٿينديون بجلي جي قيمت هر صورت ۾ لاڳت موجب ڪرڻي پوندي، پگهاردار طبقي ٽيڪس جو وڏو حصو جمع ڪرايو آهي جاگيردارن تي ٽيڪس نه پيو لڳايو وڃي.

هن چيو ته ڌرڻو وڌندو پيو وڃي. اسان 25 ڪروڙ عوام جي اميدن کي نٿا ٽوڙي سگهون. عوام تي اضافي ٽيڪس ختم ڪريو، جنهن کي گاڏي هلائڻي آهي پنهنجي ذاتي گاڏي هلائي، سرڪاري آفيسرن جي گهر وارين ۽ ٻارن جا خرچ عوام ڇو ادا ڪري، اهو نٿو ٿي سگهي ته اوهان عياشيون ڪندا رهو ۽ اسان ٽيڪس ادا ڪريون وڏين گاڏين کي وڪرو ڪريون، وزيراعظم اهو ٻڌائي ته 1300 سي سي ڪار ۾ ويهڻ ۾ آخر مسئلو ڪهڙو آهي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته آخري معاهدي ۾ آءِ ايم ايف چيو هو ته فوڊ ايٽمز، تعليم، هيلٿ تي ٽيڪس نه لڳائينداسين، هنن ظالمن کير، فوڊ ايٽمز ۽ اسٽيشنري تي به ٽيڪس لڳائي ڇڏيا. جاگيردار طبي تي ان لاءِ ٽيڪس نٿو لڳي ڇو ته اهي پاڻ حڪومت ۾ شامل آهن. هن چيو ته ڳالهين جو ٻيو دور ميڊيا جي سامهون ڪيو ويندو. اسان سمورا آپشن استعمال ڪنداسين، هڙتال ڪنداسين ۽ اهم روڊن تي به ويهنداسين حڪومت اسان جا مطالبا ٻڌڻ کان پوءِ چوي ٿي ته اسان مجبور آهيون، حڪومت اهو نه سمجهي ته اسان گهر هلي وينداسين،  مطالبا پورا نٿي ڪري سگهي ته حڪومت گهر وڃي، جيڪڏهن اسان جا مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته هي تحريڪ حڪومت هٽايو تحريڪ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن 39 قومي اسيمبلي ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو ميمبر مڃي ورتو، نوٽيفڪيشن جاري

Read Next

تهران ۾ اسماعيل هنيه جي جنازي نماز ادا، هزارين ماڻهن جي شرڪت

Most Popular