ميرپورخاص ۾ڪيبل جو پورهيت نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ ڀانسنگهه آباد واسي برسات ۾ بجلي جي ٿنڀي تي نيٽ جي تار لڳائيندي

ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت خبر موجب سيٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي علائقي ڀانسنگهه آباد جي رهواسي 30 سالن جو ڪاشف مغل برسات ۾ بجلي جي

ٿنڀي تي چڙهي نيٽ جي تار لڳائيندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪري فوت ٿي ويو جنهن کي علائقي واسين سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

مڙهه گهر پهچڻ جي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسانجو نوجوان ڪيبل ۽ نيٽ جو ڪم ڪندو هو، نيٽ جي تار لڳائڻ لاءِ بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ڪم ڪري رهيو هو ته ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪري فوت ٿي ويو.

Read Previous

ٽرمپ ڪملا هيرس سان مباحثي کان لنوائڻ لڳو

Read Next

حيدرآباد برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏل، ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا زخمي، 40 فيڊر ٽرپ

Most Popular