ڪامران ٽيسري پنجاب جيان بجلي سستي ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي خط لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سنڌ ۾ پنجاب جيان بجلي سستي ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت کي خط لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته سنڌ حڪومت کي به پنجاب جيان پنهنجي صوبي جي عوام کي  رليف ڏيڻ گهرجي. ڪامران ٽيسوري چيو ته سنڌ جي عوام کي پنجاب جيان بجلي جي بلن ۾ رليف نه مليو ته ان سان احساس محرومي پيدا ٿيندو. سنڌ حڪومت کي خط لکي رهيو آهيان ته اهي به صوبي ۾ بجلي سستي ڪرڻ  جا فنڊ مقرر ڪن.

ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي صوبي جي عوام لاءِ ٻن مهينن لاءِ بجلي جي قيمت 14 روپيه في يونٽ سستو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

Read Previous

سنڌ ۾ برسات سبب نقصان: بلاول ڀٽو وڏي وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

Read Next

وزيراعظم شهباز شريف بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ صوبائي حڪومتن کان تعاون جي اپيل ڪري ڇڏي

Most Popular