وزيراعظم شهباز شريف هدايتون ڏنيون آهن ته صوبائي حڪومتون ڊسڪوز(بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين) کي بجلي چوري روڪڻ لاءِ پوليس فراهم ڪن.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي واري وزارت ۽ پاور ڊويزن جي معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال ۽ اويس لغاري سميت ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي پاور ڊويزن جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس ۾ ڳالهيون ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي جي چوري روڪڻ، لائن لاسز ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي ورهاست جو نظام بهتر بنائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ اصلاحات حڪومت جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي.
وزيراعظم چيو ته بجلي ورهاست جي 5 ڪمپنين ۾ نوان بورڊ چيئرمين، ميمبرن جي مقرري شفاف طريقي سان ڪئي وئي، اميد آهي ته اهڙن نئين مقررين سان ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي، صوبائي حڪومتون ڊسڪوز جي ضرورت موجب بجلي جي چوري کي روڪڻ جي لاءِ پوليس ۽ تحصيلدار ڏين.
وزيراعظم اجلاس ۾ ڊسڪوز جي شڪايتن جي ازالي بابت ڪچهرين جو نظام موثر ۽ نتيجا ڏيندڙ بنائڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته شهباز شريف بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.