
اطلاعات بابت وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته رئوف حسن جي ڀارتي رابطن سان پي ٽي آءِ جو ملڪ دشمن ايجنڊا بي نقاب ٿي ويو آهي، فيض نيازي ڳٺ جوڙ پاڪ فوج مخالف بيان گڏجي هلايا ته جيئن ادارن ۾ ورهاست جو تاثر ڏنو وڃي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ جي پرڏيهي دشمنن سان رابطن تي رد عمل ۾ وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين ۽ فيض حميد جا ڳٺ جوڙ جا معاملا، بارڊر جي پار پاڪستان مخالف جذبا رکندڙ صحافين سان پي ٽي آءِ جي رابطن ۽ مغربي بارڊر جي ذريعي فتته الخوارج کي واپس آڻڻ جا فيصلا ملڪ دشمني جي بدترين مثال آهن.
اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن ڀارتي صحافي سان چڙ ڏياريندڙ ۽ خوفناڪ پيغامن تي ٻڌل رابطن سان پي ٽي آءِ جو ملڪ دشمني تي ٻڌل ايجنڊا هڪ دفعو ٻيهر بي نقاب ٿي چڪو آهي، ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي فنڊن تي هلندڙ پارٽي پهريان ئي سائفر جي ذريعي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچايو ۽ هاڻ ملڪ جي سالميت ۽ بقا کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ پنهنجي پرڏيهي آقائن جو سهارو وٺي رهي آهي. مذڪوره ڀارتي صحافي پاڪستان مخالف جذبا رکن ٿا.
عطاءُالله تارڙ چيو ته رئوف حسن ڀارتي صحافين سان گڏ تحريڪ انصاف جي سوچ جي ترجماني ڪئي جيڪا پاڪستان جي سالميت ۽ بقا جي خلاف سازشن کي هٿي ڏئي رهي آهي، هاڻ سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته 9 مئي جا حملا ڇو ڪيا ويا، پي ٽي آءِ جو اسلام آباد ۾ سوشل ميڊيا سيل ملڪ دشمنن سان رابطن جو وڏو ذريعو هو. انهي سيل جي ذريعي پاڪ فوج ۽ سپهه سالار جي خلاف به مهم هلائي وئي هئي، جنهن جا نشان اڄ به ڀارت سان ملي رهيا آهن.
هن چيو ته پاڪستان ۾ خوني انقلاب جون ڳالهيون ڪرڻ جو مطلب آهي ته پي ٽي آءِ ڀارت جو اسپانسرڊ ايجنڊا کڻي هلي رهي آهي، پي ٽي آءِ کي ڀارتين پرڏيهي ملڪن مان فنڊنگ ڪئي جيڪا جاچ دوران سامهون اچي چڪي آهي، هاڻ ڀارتي صحافي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ جا رابطا ثابت ڪرڻا آهن ته هو ملڪ دشمن طاقتن جي چوڻ تي پاڪستان مخالف مهم هلائي رهيو آهي.
عطاءُالله تارڙ چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ٽولي ملڪ دشمني جي هر حد ڪراس ڪري ورتي آهي، ڪوبه شڪ نه رهيو آهي ته انهن جو اصل حدف پاڪستان جي قومي مفادن ۽ فوج کي نقصان پهچائڻ هو ۽ اهي ماڻهو پاڪستان ۾ ويهي ڀارتي ايجنڊا کي پورو ڪري رهيا آهن، پاڪستان تي وار ڪندڙ دهشتگردن کي به ان لاءِ واپس آندو ويو ته جيئن ڀارتي ايجنڊا پوري ٿي سگهي.
هن چيو ته فيض حميد به پي ٽي آءِ باني جو اهم مهرو بڻيل رهيو ۽ ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ جو سياسي مهرو ثابت ٿيو، قوم کي اها اصليت به معلوم ٿي وئي آهي ته مرشد جو موڪل فيض هو. (فيض) مرشد جو نه پر(فيض حميد) جو هو. فيض نيازي ڳٺ جوڙ جو نشان نيازي جي گهر بشريٰ سان به ملن ٿا جيڪا انهي ڳٺ جوڙ ۾ مُک ڪردار هئي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته فيض، نيازي ۽ بشريٰ ڳٺ جوڙ پنهنجي ناپاڪ مقصدن جي لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو، فيض نيازي ڳٺ جوڙ پاڪ فوج مخالف بيان گڏجي هلايا ته جيئن ريٽائرڊ ۽ سرونگ آفيسر کي به ڀڙڪايو وڃي فيض نيازي ڳٺ اهو تاثر به پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪ فوج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪنفيوزن يا ورهاست آهي.
13 Comments
cheapest buy androxal american express
discount androxal australia no prescription
buy enclomiphene generic canada
Order perscription free enclomiphene
online order rifaximin usa discount
buy rifaximin in United Kingdom
xifaxan online next day
buy xifaxan generic information
discount staxyn price australia
order staxyn usa where to buy
discount avodart buy in australia
buying avodart cheap canada pharmacy
buy dutasteride real price
cheapest buy dutasteride cheap sale
how to buy flexeril cyclobenzaprine cheap from canada
no prescription needed flexeril cyclobenzaprine
buying gabapentin purchase in canada
purchase gabapentin generic form
cheap fildena generic does it works
buying fildena usa price
Buy itraconazole no perscription needed
how to buy itraconazole australia online generic
nejnižší cena kamagra
kamagra objednávejte přes noc
recherche canadien kamagra
kamagra paiement à la livraison
Comments are closed.