سنڌ جي وڏي وزير دادو ۾ غربت سبب ننڍي عمر جي ٻارڙين جي شادي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دادو ۾ غربت سبب پئسن جي خاطر ننڍي عمر جي ٻارڙين جي شادين جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳوٺ خان محمد ملا ۾ 45 ڇوڪرين جي  پئسن عيوض شادي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ان حوالي سان مراد علي شاهه هدايت ڪئي آهي ته ڪمشنر حيدرآباد اهڙن سمورن معاملن جو معاشي ۽ قانوني سبب ٻڌائي، ڪميٽي ٺاهي ڳوٺ ۾ تفصيلي انڪوائري کان پوءِ رپورٽ ڏني وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير حيدرآباد جي ڪمشنر کي اهو به چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڇا شادي ڪرايل ڇوڪريون ٻوڏ متاثر خاندانن مان هيون، جيڪڏهن ٻوڏ متاثر خاندانن مان هيون ته انهن کي ڪيتري امداد ڏني وئي؟ شادي ڪرايل ڇوڪريون هن وقت ڪهڙي حال ۾ آهن، هر معاملي جي رپورٽ ڏيو.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هر رخ جي رپورٽ ڏني وڃي ته جيئن انهي معاملي جي خبر پئجي سگهي جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير ڪمشنر حيدرآباد کي انڪوائري رپورٽ ۾ پنهنجون سفارشون ڏيڻ جي به هدايت ڪئي.

Read Previous

ڪراچي جي واپارين 28 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ شٽربند هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي

Read Next

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، 8 ڄڻا فوت، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ

Most Popular