ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، 8 ڄڻا فوت، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي، جڏهن ته پنجاب جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

پنجاب جي شهر فيصل آباد، نارووال ۽ رحيم يار ۾ برسات سبب مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا. راجن پور ۽ ڊيرا غازي خان جي ڪوهه سليمان جي جابلو عالئقن ۾ تيز برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي.

بلوچستان جي علائقن توبه اچڪزئي، توبه ڪاڪڙي، قلعه عبدالله، پشين ۽ زيارت ۾ ٻوڏ وهڪرن سبب فصلن کي نقصان پهتو جڏهن ته ڀتيون ۽ سولر پليٽون ڪرڻ سبب 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

چمن ۾ ريلوي ٽريڪ پاڻي وهڪرن جي هيٺ اچي ويو، جڏهن ته نوشڪي ۾ ريلوي ٽريڪ ۾ وڏو کڏو پوڻ سبب پاڪ ايران ريلوي رابطو به ڪاٽا ٿي ويو آهي.

جيڪب آباد جي علائقي ڳڙهي خيرو جي ڀرسان شاخ ۾ 70 فٽ گهارو پئجي ويو جنهن سبب ڦٽي جي فصل پاڻي هيٺ اچي وئي، هوڏانهن خيرپور، سکر ۽ ڏوراهين علائقن ۾ تيز برسات پئي. رپورٽ موجب سکر ۾ 190 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، برسات سبب ڪيترن ئي علائقن جي بجلي معطل ٿي وئي آهي.

ان کان علاوه ڏکڻ وزيرستان ۾ تيز برساتن کان پوءِ ٻوڏ وهڪرن تباهي مچائي ڇڏي، ٻوڏ وهڪرو جنڊولا بازار ۾ داخل ٿي ويو جنهن سبب زعي زمينن کي به نقصان پهتو.

طوفاني برساتن وانا گومل زام وڊ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڪيترن ئي هنڌن تي بند ٿي ويو ۽ ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي آهي. ٻئي طرف خيبر ۾ برسات کان پوءِ برساتي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي، متاثر علائقن ۾ ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ جي تحت حفاظتي انتظامن ۾ مصروف آهي، موسميات کاتي موجب اڄ سنڌ، پنجاب ۽ اوڀر ڀلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.

Read Previous

سنڌ جي وڏي وزير دادو ۾ غربت سبب ننڍي عمر جي ٻارڙين جي شادي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Read Next

سوات ۾ سندس ري هيب پروگرام جاري آهي ۽ هو تمام جلد قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندو: احسان الله

Most Popular