سوات ۾ سندس ري هيب پروگرام جاري آهي ۽ هو تمام جلد قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندو: احسان الله

فاسٽ بالر احسان الله پاڻ ئي پنهنجي پيءَ جي بيان جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته سوات ۾ سندس ري هيب پروگرام جاري آهي ۽ هو تمام جلد قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندو.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فاسٽ بالر احسان الله چيو ته سندس ري هيب سوات ۾ سٺو هلي رهيو آهي، ٺونٺ جو زخم ۽ ساڄي ٻانهن جو اينگل ٺيڪ ٿي رهيو آهي، جلد واپسي ڪندس.

احسان الله چيو ته ميڊيا تي خبر آئي جنهن ۾ ري هيب پروگرام تي سوال اُٿاريا ويا، پي سي بي کي درخواست ڪيان ٿو ته سندس ري هيب سٺو هلي رهيو آهي مون کي سوات ۾ رهڻ ڏنو وڃي.

واضح رهي ته فاسٽ بالر احسان الله جي والد عبدالنصير پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اپيل ڪئي آهي ته سندس پٽ جو ري هيب نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ڪرائي ڪيريئر ختم ٿيڻ کان بچايو وڃي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احسان الله جي والد عبدالنصير چيو ته سوات ۾ سندس پٽ تي گهربل ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، پٽ جو ري هيپ اين سي اي ۾ ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سوات ۾ سهولتون نه آهن ۽ بهترين ڊاڪٽرز به ناهن.

سندس چوڻ هو ته سندس پٽ جو ڪيريئر بچائڻ لاءِ کيس اين سي اي طلب ڪيو وڃي ته جيئن سندس علاج مڪمل ٿي سگهي ۽ ٻيهر پاڪستان جي نمائندگي ڪري سگهي.

ياد رهي ته احسان الله ڊگهي عرصي کان ٺونٺ جي انجري جو شڪار آهي، ان دوران سندس آپريشن به ٿيو ۽ انگلينڊ ۾ سندس معائنو به ڪرايو ويو جنهن کانپوءِ پي سي بي جي هڪ ڪميٽي احسان الله جي سرجري ۽ علاج تي سوال اُٿاريا ۽ وري سندس ڊگهي ري هيب جي تجويز ڏني.

پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ان معاملي تي ايڪشن ورتو ۽ سندس مڪمل سار سنڀال جون هدايتون جاري ڪيون ۽ فاسٽ بالر جو ري هيب سندس اباڻي شهر سوات ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

Read Previous

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، 8 ڄڻا فوت، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ

Read Next

پاڪستان بنگلاديش ٽيسٽ سيريز لاءِ ڪامينٽري پئنل جو اعلان

Most Popular