ميرپور ساڪرو ۾ انتظاميا جي نااهلي، رستا پاڻي هيٺ، 2 ڳوهاريون عورتون اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت

ميرپور ساڪرو (رپورٽر) ميرپورخاص انتظاميه جي نااهلي سبب برسات جون تباهڪاريون جاري،

رستا پاڻيءَ هيٺ هئڻ ڪري 2 ڳورهاريون عورتون اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت ٿي ويون، کارڙو ۽ ڄامن ملاح ڳوٺن

جا ڪچا رستا لاڳيرتن طوفاني وسڪارن دوران ٻڏي وڃڻ سبب 2 ڳورهاريون عورتون اسپتال پهچي نه سگهيون

ويم جي تڪليف وڌي وڃڻ ڪري ڪريمان زال عرس ملاح ۽ صاحبه زال خميسو ملاح رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته رستا ڪچا هئڻ ڪري مريضن کي اسپتال تائين پهچائي نه ٿا سگهون، ڳوٺن جا ڪچا رستا پڪا ٺهرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو

Read Previous

گهوٽڪي ۾ مڙس هٿان زال وحشياڻو تشدد ڪري قتل، لاش ڳجهي نموني رحيم يار خان منتقل

Read Next

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات جون تباهيون، گهر ۽ فصلن کي نقصان، متاثرين کليل آسمان هيٺ ويٺل

Most Popular