ڪراچي: (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني برسات تباهي جا داستان ڇڏي وئي، ڪيترائي گهر ڪري پيا،
فصل تباهه ٿي ويا، متاثرين کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويهڻ تي مجبور ٿي ويا. حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر جي مختلف علائقن مان پاڻي اڃان تائي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، زميني رستا ڪاٽا ٿيڻ سبب دادو ۾ ماڻهن ٻيڙين جو سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي.
بدين ضلعي جا ڪيترائي علائقا اڃان تائين برسات جي پاڻي ۾ گهيريل آهن، مختلف پاڙن ۽ گهرن ۾ اڃان تائين برساتي پاڻي موجود آهي، ٺٽي ۽ سجاول ۾ به ساڳئي صورتحال آهي جتي ماڻهو گهرن ۾ داخل ٿيندڙ پاڻي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪڍي رهيا آهن.
عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٽنڊوالهيار ۾ برسات متاثرين کليل آسمان هيٺ امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن، ٽنڊوآدم جي 50 ڳوٺن ۾ به ٻوڏ صورتحال سبب متاثرين سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ڪيترن ئي هيٺاهين وارن علائقن ۾ اڃان تائين برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، اتان جا رهواسي چونڊيل نمائندن کي ڏوراپا ڏيندي نظر اچي رهيا آهن.
دادو جي ندي نالن ۾ چاڙهه سبب ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ اڃان تائين پاڻي جي گهيري ۾ آهن، رابطي جا روڊ متاثر ٿيڻ سبب ماڻهن ٻيڙين تي سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به برسات کان پوءِ ٻوڏ صورتحال آهي، نصيرآباد، گنداخه، جهل مگسي ۽ بولان ۾ ٻوڏ سبب درياءَ لهڙي، ناڙي بينڪ ۽ ربي ڪينال ۾ ٻوڏ وهڪرا گذري رهيا آهن.
ربي ڪينال ۾ گهارو پوڻ سبب نصيرآباد جا علائقا منجهو شورو ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. اتر مٿانهين بلوچستان جي مختلف صلعن ۾ به تيز برسات سبب ٻوڏ جي صورتحال آهي، آبي وهڪرن سبب شيلا باغ جو تاريخي ريلوي ٽنل سخت متاثر ٿي ويو آهي. مختلف هنڌن تي رابطي جا روڊ ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي ويا آهن.
13 Comments
Buy enclomiphene online without a script
buy cheap enclomiphene generic when will be available
où pouvez-vous obtenir kamagra sans une perskripion
kamagra pas cher
get androxal cheap online pharmacy
cheap androxal generic uk
buying flexeril cyclobenzaprine generic vs brand name
cheap flexeril cyclobenzaprine canadian discount pharmacy
online order dutasteride cheap from india
where can you get dutasteride with out a perskripion
how to order gabapentin cheap in canada
how to order gabapentin price in us
discount fildena canada internet
cheap fildena cheap discount
buy cheap itraconazole price on prescription
buy itraconazole canada mail order
discount staxyn canada
discount staxyn cheap usa
Buy avodart online overnight
buy cheap avodart generic switzerland
cheap rifaximin usa buy online
buy rifaximin purchase to canada
xifaxan xr online
buy xifaxan australia over the counter
kamagra bez r x
kamagra žádný skript fedex
Comments are closed.