سنڌ هاءِ ڪورٽ گاڏين جي خريداري جي نوٽيفڪيشن تي سنڌ حڪومت کي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد کان روڪي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ گاڏين جي خريداري جي نوٽيفڪيشن تي سنڌ حڪومت کي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد کان روڪي ڇڏيو، ڌرين کي چئن هفتن ۾ جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ حڪومت پاران آفيسرن لاءِ لگزري گاڏيون خريدڻ جو فيصلو جماعت اسلامي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو.

جماعت اسلامي جي ايم پي اي محمد  فاروق ۽ ٻين سنڌ حڪومت جي فيصلي  خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي،

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته 3 سيپٽمبر تي گاڏيون خريدڻ لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي غيرقانوني ۽ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالتي فيصلي تائين نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد معطل ڪيو وڃي.

Read Previous

چيف جسٽس جي فيصلي سان اتفاق ڪيان ٿو، حڪومتي اپيلون پريڪٽس پروسيجر قانون تحت ٻڌڻ جوڳيون ناهن: اطهر من الله

Read Next

ڪارساز سانحو، فوتي پيءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو

Most Popular