لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم

لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

درخواست گذار اشبا ڪامران جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاصم حفيظ لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نگران حڪومت پاران چيئرمين نادرا جي مقرري غير آئيني هئي، نادرا چيئرمين جي مقرري لاءِ گهربل طريقيڪار جي پيروي نه ڪئي وئي هئي.

جسٽس عاصم حفيظ فيصلي ۾ لکيو آهي ته وفاقي حڪومت هن مقرري کي قومي سلامتي پٽاندڙ ثابت نه ڪري سگهي، اها مقرري اهڙي وقت ڪئي وئي جڏهن نادرا ۾ سيڪيورٽي ليپس ۽ بي ضابطگيون ٿيون هيون.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رڳو ڊيٽا ليڪ ٿيڻ تي قابليت ۽ ميرٽ جي بنياد تي مقرري وارو عمل ترڪ ڪري نه ٿو سگهجي.

نادرا چيئرمين جي مقرري لاءِ قومي سلامتي جو دليل قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي، اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو هو ته نادرا چيئرمين جي مقرري قومي مفاد ۾ ڪئي وئي هئي.

Read Previous

ڪارساز سانحو، فوتي پيءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو

Read Next

ملڪ ۾ سون وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

Most Popular