عالمي برادري کي پيغام ڏيون ٿا ته اسرائيل جو وجود ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪيو ويندو: فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ حڪومت جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، شهرين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي مخالفت نه ٿا ڪيون، پر ملڪ ٽوڙڻ جي تحريڪ هلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان لاهور ۾ مينار پاڪستان تي گولڊن جوبلي ختم نبوت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت امن نه ٿي ڪرائي سگهي ته پوءِ ٽيڪس ڇا جا پئي وٺي؟

 مولانا فضل الرحمان چيو ته 2018 ۽ 2024 وارين اليڪشنز جا نتيجا ڌانڌلين وارا هئا، اڄوڪي ختم نبوت ڪانفرنس عوامي اسيمبلي آهي، هاڻي قانون هن عوامي اسيمبلي مان پاس ٿيندا، عالمي برادري کي پيغام ڏيون ٿا ته اسرائيل جو وجود ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪيو ويندو

Read Previous

پنهنجي اڳواڻ کي آزاد ڪري ڏيکاريو: خواجه آصف جو علي امين گنڊاپور کي چيلينج

Read Next

موٽر وي تي ڦاسي وڃڻ سبب پي ٽي آءِ جلسي ۾ نه پهچي سگهيس: اسد قيصر

Most Popular