فوج خيبر پختونخواهه پوليس کي سهڪار فراهم ڪندي رهندي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير دشمنن ۽ دهشتگردن جي ڳٺ جوڙ کي گڏيل طور شڪست ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير اورڪزئي ضلعي جو دورو ڪيو، جتي هن وادي تيراه ۾ دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ حصو وٺندڙ جوانن سان ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي آرمي چيف کي سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۽ ضم ٿيل ضلعن ۾ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏني وئي.

آرمي چيف جوانن جي بلند حوصلي ۽ دشمنن کي اثرائتو جواب ڏيڻ جي تياري کي ساراهيو ۽ دشمنن، دهشتگردن جي ڳٺ جوڙ کي گڏيل طور شڪست ڏيڻ ۽ غير قانوني اسپيڪٽرم جي سرگرمين کي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته پاڪ فوج ڪي پي پوليس کي سهڪار فراهم ڪندي رهندي، ضم ٿيل ضلعن ۾ فرض انجام ڏيڻ لاءِ سهڪار فراهم ڪندا رهنداسين.

Read Previous

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت به نتاشه جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

Read Next

عظيم پرتگالي فٽبالر سوشل ميڊيا تي تاريخ رقم ڪري ڇڏي

Most Popular